بلوچستان: طوفاني برساتن دوران ڀت ڪِرڻ سبب 5 ڄڻا فوت

اتر اوڀر بلوچستان جي ضلعي دڪي ۾ طوفاني برساتن سبب گهر جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا.
دڪي ۾ ئي ڪوئلي جي کاڻ ۾ 5 مزدور به برساتي پاڻي کاڻ ۾ داخل ٿيڻ سبب ڦاسي ويا جن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ آپريشن ڪيو ويو.
ليويز ذريعن موجب دڪي ضلعي ۾ 10 ڪلاڪن کان جاري برسات سبب ٻوڏ واري صورتحال آهي.
ٻئي طرف هرنائي ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي پنجاب کي ڳنڍيندڙ هاءِ وي به ٻوڏ جي وهڪري ۾ لڙهي ويو آهي.
ڪوزڪ ٽاپ ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي روڊ رستا برسات سبب متاثر ٿيا آهن.
داناسر ۾ به لينڊ سلائيڊنگ سبب قومي شاهراهه بند آهي….

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.