بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ چيني شھرين تي حملا، سنڌ ۾ جاري سي پيڪ ۽ ٻين رٿائن جي سيڪيورٽي سخت

ٺٽو ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ چيني شھرين تي حملن وارن واقعن بعد آءِ جي سنڌ جي حڪم تي ٺٽي ۾ جاري سي پيڪ ۽ ٻين منصوبن جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي.
ٺٽي جي ڪوهستاني ۽ سامونڊي پٽي ۾ قائم ونڊ پراجيڪٽس سميت مختلف منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني شھرين جي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن.
ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر عمران، جنگشاهي ۽ جهمپير وارن علائقن توڙي ڀنڀور ڀرسان قائم سي پيڪ ۽ ٻين منصوبن جو دورو ڪيو.
ايس ايس پي ٺٽو، مختلف منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني شھرين جي سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو.
ايس ايس پي ٺٽو، پوليس ۽ انتظاميه کي چيني شھرين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ سخت هدايتون جاري ڪيون.
ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر عمران جو چوڻ هو ته چيني شھرين کي سخت سيڪيورٽي کانسواءِ ڪيڏانهن به وڃڻ جي اجازت نه هوندي، انهن جي سڪيورٽي سندن ذميواري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.