پاڪ_چين سهڪار ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪڏهن به ڪامياب نه ٿينديون: چيني سفارتخانو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيني سفارتخاني طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ-چين سهڪار کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيني سفارتخاني جو دورو ڪري شانگلا حملي جي جاچ لاءِ چين مان پهتل خاص جاچ ٽيم سان ملاقات ڪئي آهي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيني ٽيم کي حملي بابت هن وقت تائين ٿيل جاچ بابت آگاهه ڪيو.
وفاقي گهرو وزير چيني ٽيم کي ڪيس باري ۾ ٿيل اپڊيٽ بابت بريفنگ ڏني.
ملاقات ۾ چيني شهرين جي تحفظ ۽ مجموعي سڪيورٽي قدمن بابت ڳالهيون ڪيون ويون.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته شانگلا حملي ۾ ملوث حقيقي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.
هاڻي چيني سفارتخاني طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ چين سهڪار کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي.
چيني سفارت خاني موجب، پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي ڪوششن جي حمايت جاري رکنداسين.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان سان ڪم ڪرڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام کي وڌيڪ فائدو پهچائڻ لاءِ پرعزم آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.