گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ، پهريون ڀيرو ناڻي واري وزير جي جاءِ تي پرڏيهي وزير شامل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ ناڻي واري وزير جي جاءِ تي پرڏيهي وزير کي شامل ڪيو ويو آهي.
وزيراعظم گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ ڪري ڇڏي.
وزيراعظم جي منظور کانپوءِ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي نئين سر جوڙ جڪ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، گڏيل مفادن واري ڪائونسل 21 مارچ 2024ع کان وجود ۾ آئي.
اٺ رڪني ڪائونسل جو چيئرمين وزيراعظم شهباز شريف هوندو، جڏهن ته چئني صوبن جا وڏا وزير گڏيل مفادن واري ڪائونسل جا ميمبر هوندا.
ان کانسواءِ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ ناڻي واري وزير جي جاءِ تي پرڏيهي وزير کي شامل ڪيو ويو آهي.
ناڻي وارو وزير گڏيل مفادن وارن ڪائونسل جو مستقل ميمبر هوندو آهي پر وزيراعظم شهباز شريف اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي تجربي ۽ صوبن سان معاملا طئي ڪرڻ جي صلاحيت کي نظر ۾ رکندي کيس گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ شامل ڪيو آهي.
وفاقي ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب پهريون ڀيرو ڪابينا جو حصو بڻيو آهي انڪري سندس جاءِ تي تجربيڪار اسحاق ڊار کي ڪائونسل ۾ ميمبر طور شامل ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، بچاءَ وارو وزير خواجا آصف ۽ وفاقي وزير امير مقام کي به گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
نئين جوڙجڪ ٿيل ڪائونسل نگران دور جي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي جاءِ وٺندي جنهن ۾ شمشاد اختر، عرفان اسلم ۽ فواد حسن فواد شامل هئا……….

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.