چيف جسٽس پاڻ جاچ بدران حڪومت کي چئي 6 ججن کي رٽائرڊ جج جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سينئر صحافي  مطيع الله جان چيو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جي خط جي معاملي تي رٽائرڊ جج جي سربراهي ۾ انڪوائري ڪميشن قائم ڪئي ويندي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا جج ڪهڙي ذهني ڪرب ۾ گذرندا هوندا، پنهنجي گهرڀاتين جي پرائيويسي لاءِ پريشان آهن، وڊيوز تي اهي ڪنهن کي ٻڌائڻ جي قابل به نه هوندا آهن، هن چيو ته 6ججن کي اميد هئي ته چيف جسٽس سندن حقن جو تحفظ ڪندو، خط ۾ ذڪر ڪيل معاملا پڙهي ڪنڌ شرم کان جهڪي وڃي ٿو، سپريم ڪورٽ جي ججن جو ان معاملي تي ڪهڙو احساس ٿيو هوندو؟ عدليه ۽ حڪومت ۾ ججن جي معاملي تي ڳالهيون ٿيون، هن چيو ته اهو ڪم چيف جسٽس جو هو ته پاڻ انڪوائري ڪري ها ڇو ته هو گهر جو وڏو آهي،جاچ جو ڪم حڪومت حوالي ڪيو ويو آهي، جن تي الزام آهي انهيءَ حڪومت کي چيف جسٽس جاچ جو چئي رهيو آهي، حڪومت ڳجهن ادارن نه پر انهن ججن جي جاچ ئي ڪندي، هاءِ ڪورٽ جي ججن جي عزت جو ڪنهن کي به خيال ناهي.

نوٽ: هيءَ روزاني عوامي آواز جمعو 29 مارچ 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.