انڪوائري ڪميشن آءِ ايس آءِ جي مداخلت ختم ڪرڻ لاءِ گائيڊ لائن ڏيندي؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) ماضي ۾عدليه ۾ آءِ ايس آءِ جي مداخلت جا الزام لڳندا رهياآهن، اهو پهريون ڀيرو آهي جو ججن باجماعت اٿي  آواز اٿاريو آهي ته اسان سان هي زيادتي ٿي رهي آهي، پهرين به جج ڳالهائيندا هئا پر انفرادي طور آواز اٿاريو ويندو هو،هر هڪ ان جي تفيصلن ۾ نه ويندو هو، ڳالهيون ڳجهيون رهنديون هيون، معاملو اڃا به ورهايل آهي، ڪو محسن اختر ڪياني کي هدف بڻائي ٿو ۽ چوي ٿو ته محسن ڪياني ماضي جي اسٽيبلشمينٽ جي ويجهو هو ۽ هاڻي اينٽي اسٽيبلشمينٽ آهي، سڀني ڳالهين جي هڪ ڳالهه ته عدليه ۾ طاقتور ادارن جي مداخلت ٿيندي رهي آهي،ڊان جي اسد ملڪ لکيو آهي ته شوڪت عزيز صديقي جڏهن نعره حق بلند ڪيو ته ان وقت سندس ساٿي ججن کيس سڃاڻڻ کان انڪار ڪيو، شوڪت عزيز صديقي به تسليم ڪيو ته تڏهن منهنجو سوشل بائيڪاٽ ڪيو ويو هو، رڳو جسٽس ميان گل اورنگزيب عيد تي مبارڪباد ڏئي ڇڏيندو هو، اهو جج اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي خط لکندڙ 6 ججن جي لسٽ ۾ شامل ناهي،جڏهن ته سپريم ڪورٽ شوڪت عزيز صديقي جي آءِ ايس آءِ تي لڳندڙ الزامن جي اڃا به جاچ ناهي ڪئي،اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن کان الزامن جا ثبوت گهريا ويندا، پوري قوم کين هيرو بڻايو آهي، هاڻي ڏسجي ته اهي جج انهن الزامن تي ثابت قدم رهن ٿا يا نه؟ بوائز(آءِ ايس آءِ ) وارا ان قسم جو حرڪتون ڪندا رهن ٿا، هاءِ ڪورٽ جي رٽائرڊ جج جو چوڻ هو ته آءِ ايس آءِ وارن مون سان ملاقات نه ڪئي پر رابطو ضرور ڪيو هو،اهڙا جج به هوندا آهن جيڪي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري لاءِ آءِ ايس آءِ سان رابطا ڪندا آهن،هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا انڪوائري ڪميشن آءِ ايس آءِ آفيسرن جو احتساب ڪري سگهندي ؟ميڊيا ۽ سياستدانن سان به اهڙا مسئلا ٿيندا آهن، 2007ع ۾ سپريم ڪورٽ هڪ ڳجهي ايجنسي جي سپريم ڪورٽ جي عمارت اندر بگنگ جا آلات هٽائڻ جو حڪم ڏنو ته ٻي ايجنسي اهي جاسوسي واري ڊوائيس هٽائي پنهنجي الڳ سان هڪ ٻي ڊوائس هڻي ڇڏي،صحافين جي به فون ٽيپ ٿئي ٿي، ڪميشن جي ذميواري آهي ته اها ڪا گائيڊ لائن ڏئي،ايجنسي عملدارن تي ملوث هجڻ جي صورت ۾ جيستائين سزا ۽ جزا جو طريقيڪار نه جوڙيو ويو ته عدليه ۾ مداخلت جاري رهندي.

نوٽ: هيءَ روزاني عوامي آواز جمعو 29 مارچ 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.