اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت خلاف مزاحمت جي علامت جسٽس ڀڳوان داس، امير الملڪ مينگل ۽ وقار سيٺ

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) 6 ججن جي الزام تي  چيف جسٽس آف پاڪستان بهتر فيصلو ڪيو آهي، ذميواري اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال تي به اچي ٿي معاملي جي آگاهي باوجود هن ڪو به قدم نه کنيو،موجوده چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي به معاملي جي خبر هئي ان به خاموشي اختيار ڪئي، چيف جسٽس فل ڪورٽ جو اجلاس هڪ سٺي روايت قائم ڪئي آهي ۽ لڳي ٿو ته معاملو جڊيشل ڪميشن ڏانهن ويندو،عدالت وٽ عدالتي ڪميشن قائم ڪرڻ جو اختيار ناهي، فل ڪورٽ پڌرائي جاري نه ٿيڻ جو مطلب اهو آهي ته عدالت  پنهنجو ڪو مائنڊ سيٽ ظاهر نه پئي ڪرڻ چاهي،ماضي ۾ جسٽس شوڪت عزيز صديقي الزام هنيا ته جاچ بدران کيس هٽايو ويو،عدليه ۾ جيڪڏهن ڪنهن هڪ پارٽي ڏانهن لاڙو رکندڙ جج آهن ته ڪجهه جج اهڙا به آهن جيڪي اسٽيبلشمينٽ ڏانهن جهڪاءُ رکن ٿا،ميڊيا اڄڪلهه سرينڊر ڪري ويٺي آهي، سول سوسائٽي جي چيلهه ڀڄي چڪي آهي، پي ٽي آءِ وارا رڳو عمران خان لاءِ مزاحمت ڪري رهيا آهن،  آئين ۽ قانون لاءِ ٿورو گهڻو عدليه ۽ وڪيل ئي مزاحمت ڪري رهيا آهن،مشرف جي فوجي دور ۾ سڀ کان وڏو ڪم افتخار چوڌري ڪيو، 9 مارچ تي جسٽس ڀڳوان داس ياترا جي سلسلي ۾ هندستان ويل هو هن جي غيرموجودگي ۾ تڏهن تڪراري جج جسٽس جاويد اقبال حلف کڻي ورتو، ڀڳوان داس جي واپسي تي ڪراچي ايئرپورٽ تي مشرف هڪ هندو اڳواڻ کي ساڻس ملاقات لاءِ موڪليو،جنهن کيس چيو ته مشرف توهان سان ملاقات لاءِ  هي جهاز موڪليو آهي،جسٽس  ڀڳوان داس ان هندو اڳواڻ کي جواب ڏنو ته مشرف جو هي جهاز واپس موڪليو ۽ کيس ٻڌايو ته منهنجي جڏهن موڪل ختم ٿيندي ته آئون پاڻ ساڻس ملاقات لاءِ ايندس،ان وقت جنرل ڪياني آءِ ايس آءِ جو سربراهه هو، ان وقت جي ڪراچي ۾ آءِ ايس آءِ سيڪٽر ڪمانڊر ٻيهر ان شخص کي جسٽس ڀڳوان داس سان ملاقات لاءِ موڪليو، ڀڳوان داس جواب ڏنو ته هڪ ته مان هينئر مشرف سان سڌي ملاقات نه ڪندس،کيس ٻڌايو ته جيڪڏهن کيس مون سان ملڻو آهي ته سپريم ڪورٽ هليو اچي، هن ان هندو اڳواڻ کي چيو ته ڏس پٽ تاريخ ۾ ننڍو ڪم ناهي ڪرڻو،توهان هن ڪم سان تاريخ ۾ خراب لفظن سان ياد رکيا ويندا،جسٽس ڀڳوان داس جي ڪري ئي جسٽس افتخار چوڌري جي عدالت ۾ واپسي جو رستو کليو، جسٽس ڀڳوان داس آءِ ايس آءِ ۽ مشرف کي انڪار ڪري تاريخ ۾ امر ٿي ويو،هن کان پوءِ عدليه ۾ ٻيو وڏو جسٽس وقار سيٺ جو اچي ٿو،موجوده جسٽس منصور علي شاهه جو نالو به وڏي احترام سان ورتو وڃي ٿو جڏهن ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ مان قوم کي وڏيون اميدون آهن ڏسجي ته هو آئين ۽ قانون جي حڪمراني قائم ڪري ٿو يا نه؟ مشرف دور ۾ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو جج جسٽس امير الملڪ مينگل هو، هن کي هڪ ايف سي جي  چيڪ پوسٽ تي رکيو ويو، ايف سي وارن چيو ته گاڏي جي تلاشي وٺڻي آهي، جسٽس امير الملڪ چيو ته رڪڻو ناهي، قافلي تي ايف سي وارن فائرنگ ڪري ڏني،عدالت ۾ واپسي تي جسٽس امير الملڪ افتخار چوڌري ۽ جسٽس جاويد اقبال سان صلاح مشورو ڪري ايف سي جي ڪيپٽن کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو، جسٽس امير الملڪ جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري ڪئي وئي جنهن تي هن سيڪريٽري قانون کي فون ڪري چيو ته مون کي سپريم ڪورٽ موڪلي رهيا آهيو پنهنجي باس کي ٻڌائي ڇڏيو ته مان استعيفيٰ ڏيڻ پسند ڪندس پر سپريم ڪورٽ ۾ ايليويٽ نه ٿيندس،هن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، ڪجهه عرصي کان پوءِ امير الملڪ گورنر بلوچستان ٿي ويو، جنهن تي ساڳئي سيڪريٽري قانون ساڻس ملاقات ۾ سوال ڪيو ته توهان سپريم ڪورٽ جا جج ته نه ٿيو پر هاڻي گورنر ٿي ويٺا آهيو جنهن تي امير الملڪ جواب ڏنو ته جيڪڏهن مان ان وقت سپريم ڪورٽ وڃڻ تي راضپو ظاهر ڪريان ها ته ان جو مطلب ته ايف سي جو هڪ ڪيپٽن پوري بلوچستان هاءِ ڪورٽ کان مٿانهون آهي،ان سبب جي ڪري مون استعيفيٰ ڏيڻ کي مناسب سمجهيو.

نوٽ: هيءَ روزاني عوامي آواز جمعو 29 مارچ 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.