شانگلا حملي ۾ ملوث جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين:گهرو وزير

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيني سفارتخاني جو دورو ڪري شانگلا حملي جي جاچ لاءِ چين مان پهتل خاص جاچ ٽيم سان ملاقات ڪئي آهي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيني ٽيم کي حملي بابت هن وقت تائين ٿيل جاچ بابت آگاهه ڪيو.
وفاقي گهرو وزير چيني ٽيم کي ڪيس باري ۾ ٿيل اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني.
ملاقات ۾ چيني شهرين جي تحفظ ۽ مجموعي سڪيورٽي قدمن بابت ڳالهيون ڪيون ويون.
محسن نقوي چيني سفير سان به ملاقات ڪئي ۽ حملي کانپوءِ جي جاچ بابت بريفنگ ڏني.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته شانگلا حملي ۾ ملوث حقيقي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.