ڪراچي( رپورٽر) سنڌ ۾ ٽيچرس لائيسنس جي ٽيسٽ جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويو آهي. سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه ڪامياب اميدوارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته سنڌ ملڪ جي پهرين ٽيچنگ لائسنس پاليسي تي عملدرآمد کانپوءِ ٽيسٽ جو مرحلو ڪاميابي سان پورو ڪيو آهي، آءِ بي اي سکر تحت هلندڙ ٽيسٽ جي نتيجن جو اعلان اڄ ڪيو ويو آهي، آءِ بي اي تحت ٿيندڙ ٽيسٽ ۾ ميرٽ ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو ويو، پنهنجي هڪ بيان ۾ صوبائي وزير سيد سردار شاهه چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي قيادت سنڌ ۾ تعليم جي بهتري لاءِ ضروري تدريسي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجو عزم جاري رکي آهي، ٽيچنگ لائسنس جي امتحان جو سلسلو جاري رهندو، جڏهن ته ٽيچنگ پروفيشن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ سنجيده ڪوششون جاري رکنداسين. هن چيو ته ڪامياب استادن کي سروس رولز تحت مراعتون ۽ ترقيون پڻ ڏنيون وينديون.