سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ تي وفاق سان اختلاف آهي: ڄام خان شورو

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي آبپاسي واري وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته پاڻي جي کوٽ تي وفاق سان اختلاف آهي، هڪ بيان ۾ هن چيو ته نارا  ۽ روهڙي ڪئنال کي 7 هزار 2 سئو ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي، سنڌ ۾ فصلن جي پيدوار لاءِ پاڻي جي کوٽ نه ڪئي وڃي، وزير چيو ته سنڌ جي ٻين ڪئنالن ۾ 70 سيڪڙو تائين پاڻي جي  کوٽ آهي،  روٽيشن پروگرام تحت فصل ۽ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي رهيا آهيون.هن چيو ته ايل بي او ڊي، ڍورو پران، هاڪرو ڊرين مان مينهن جو پاڻي ڪڍڻ جي الڳ اسڪيم بڻائي رهيا آهيون، اسڪيم جي تحت آر ڊي 210 تي وڏو گيت لڳايو ويندو، وزير چيو ته لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرز  کان ايل بي او ڊي،  ڍورو پران، هاڪرو ڊرين جي رپورٽ گهري آهي، ڊي سي ميرپورخاص ڍورو ۽ پران نالن تان قبضا هٽائڻ تي ڪم ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.