پريا ڪماري کي آزاد نه ڪرائڻ سرڪار جي ناڪامي آهي: محنتي

ڪراچي (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ بدامني ۽ سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ آهي، درجنين ماڻهو ڌاڙيلن وٽ قيد  آهن، صرف ڪراچي ۾ اڍائي مهينن دوران 50 ماڻهن کي ڦر تي مزاحمت دوران قتل ڪيو ويو، پريا ڪماري، فضيلا سرڪي کي ڪيترا سال ٿي ويا پر بازياب نه ڪرايو ويو ۽ نئي صحافي جان محمد مھر جي قاتلن کي پڪڙيو ويو آھي، سنڌ حڪومت جي ڪٿي به رٽ نظر ڪونه ٿي اچي، شانگلا واقعو قابل مذمت ۽ سيڪورٽي ادارن جي ناڪامي جو کليل ثبوت، ڪيترائي ڀيرا آپريشن باوجود ڪي پي ۾ دهشتگردي جي وڌنڌڙ حملن ادارن جي ڪارڪردگي تي سوال اُٿاري ڇڏيا آهن، ادارن کي جمهوريت چونڊن ۽ ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ بدران سڀئي صلاحيتون ڪرائم تي ڪنٽرول ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ خرچ ڪرڻ گهرجن، هن مقامي هوٽل ۾ صحافين جي مان ۾ ڏنل افطار ڊنر کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ چونڊن کي مذاق بڻايو ويو آهي، چونڊن ۾ کٽيندڙ ڌڪا کائي رهيا آهن ۽ هارايل ماڻهو اسيمبلين ۾ موجود ۽ وزير بڻجي مزا ڪري رهيا آهن، جماعت اسلامي هڪ نظرياتي ۽ جمهوري جماعت آهي جيڪا ملڪ ۾ شريعت جي نفاذ لاءِ جاکوڙي رهي آهي، غزه ۾ اسرائيل ظلم ۽ ڏاڍ جا سڀئي ليڪا لتاڙي ڇڏيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.