بٽ گرام چيئر لفٽ ۾ جانيون بچائيندڙ علي سواتي کي ايوارڊ نه مليو

بٽ گرام ( م ڊ) بٽگرام ۾ چيئر لفٽ آپريشن دوران 5 ٻارڙن جون زندگيون بچائڻ واري زپ لائينر علي سواتي کي صدارتي ايوارڊ نه ملڻ تيمانسهرا جي عوام مايوسي جو اظهار ڪيو آهي. 22 آگسٽ 2023ع جي صبح بٽ گرام ضلعي جي تعلقي الائي ۾ تار ٽٽڻ سبب اسڪولي شاگردن جي چيئر لفٽ ۾ ڦاٿل هجڻ جي خبر ميڊيا تي ان وقت ته ڇانئجي وئي، جنهن کانپوءِ ٻارن کي بچائڻ جون سموريون ڪوششون ناڪام ويون، مانسهرا ۾ آرمي هيلي ڪاپٽر ذريعي مشهور زپ لائينر علي سواتي کي پنهنجي سپروائيزر سان گڏ آخري اميد طور الائي آندو ويو، ان ڪري سڄي دنيا جون نظرون هن آپريشن تي لڳل هيون، پوءِ عليءَ انتهائي نامناسب حالتن جي باوجود ناممڪن کي ممڪن بڻائي ڇڏيو، پوءِ هر طرف کان تاڙين جي گوڙ ۾، عليءَ کي سڀ کان وڏو ايوارڊ ڏيڻ جو يقين ڏياريو، پر حقيقت ۾ ڪجهه به نه ٿيو. ان حوالي سان علي سواتي جو چوڻ هو ته مون اهو الله جي رضا لاءِ ڪيو، الله تعاليٰ مون کي ان جو بدلو ڏنو آهي، ان کان وڏو ڪو انعام ناهي، ماڻهن جي دلين ۾ عزت، محبت ۽ احترام آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.