اڳوڻي اسٽيبلشمينٽ جي پاليل 24 ”سپرلاڏلن“ جي لسٽ تيار

لاهور(عوامي آواز نيوز) 24 سپرلاڏلن جي لسٽ بڻائي وئي آهي، عملي قدم شروع ڪيا ويا آهن، ماضي ۾ سيف هائوسز ۾ گهرائي ٽي وي چئنلن  ۾ مقرر ڪرايو ويندو ۽ انهن کي فائلون ڏسي برين واش ڪيو ويندو هو ته پاڪستان جا سياستدان ڪيترا ڪرپٽ آهن؟اهي ئي ماڻهو پنهنجي ٽي وي چئنلن ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي پراجيڪٽ عمران خان کي اڳتي وڌائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندا هئا، هاڻي ڪهاڻي ابتي ٿي وئي آهي، اهو پراجيڪٽ آڻيندڙن جي پنهنجي گهر ۾ باهه لڳي وئي آهي ۽ هاڻي ادارا ريورس گيئر لڳائي رهيا آهن،لاڏ شاڊ جو سلسلو ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،طاقتور حلقن ۾ هاڻي ٿرٿلو مچي ويو آهي ته توهان جنهن طريقي سان پاڪستان جي سياست ۽ حڪومتي نظام کي وٺي وڃڻ چاهيو ٿا هاڻي اهو نظام نٿو هلي سگهي، سپر لاڏلن جي حوالي سان اهم فيصلو ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ جي ٻاهرين ملڪ ويٺل ماڻهن جي حوالي سان انڪشاف ٿيو آهي ته انهن جي مهم پٺيان ڊالرن جي گيم آهي،اهي ڊالر سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي  ڪمائي  کان علاوه آهن، انڪشاف ٿيو آهي ته 25 هزار ڊالر في ڪس پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا واريئرز کي ادا ڪيا پيا وڃن،ماضي ۾ اسٽيبلشمينٽ جي اکين جو تارو بڻيل ماڻهن کي پڪڙ ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،ٻاهرين ملڪ ويٺل پي ٽي آءِ صحافي وجاهت ايس خان ڪالهه مريم نواز جي هڪ اسپتال جي دوري جي حوالي سان فوٽو شيئرڪندي  هڪ ٽوئيٽ ڪيو ته مريم نواز باربي ڊول آهي ۽ هوءَ اڄ ڊاڪٽر ۽ نرس کيڏي رهي آهي جنهن تي ن ليگ جي پرويز سنڌيلا ٽوئيٽ ڪيو ته اهو صحافي ايترو نمڪ حرام آهي جنهن ڏينهن آءِ ايس پي آر کان پنهنجو آخري چيڪ وصول ڪيو ،ٻئي ڏينهن پي ٽي آءِ کان پئسا پڪڙي فوج خلاف ئي محاذ کولي ڇڏيو،هن وقت پي ٽي آءِ کان ساليانو 25 هزار ڊالر وٺي رهيو آهي.

نوٽ: هيءَ روزاني عوامي آواز جمعو 29 مارچ 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.