حلف نه کڻڻ تي ڪي پي ۾ سينيٽ اليڪشن ملتوي ڪرڻ جي وارننگ

پشاور (م ڊ) اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخواه اسيمبلي جي مخصوص سيٽن تي نون چونڊيل ميمبرن جي حلف نه کڻڻ خلاف داخل  درخواستن تي محفوظ فيصلو ڏيندي ڪجهه سيٽن تي نون چونڊيل ميمبرن جون درخواستون منظور ڪري ورتيون. اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي اسپيڪر کي هدايت ڪئي ته هو ميمبرن کان حلف کڻائي. اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخواه اسيمبلي ۾ سينيٽ چونڊن کي مخصوص سيٽن تي ميمبرن جي حلف برداري سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن هدايت ڪئي ته جيڪڏهن ڪي پي ڪي اسيمبلي جو اسپيڪر اجلاس سڏائي حلف نه وٺندو ته صوبي ۾ سينيٽ جون چونڊون ملتوي ڪيون وينديون. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اسپيڪر جيڪڏهن پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عمل نه ڪيو ته چونڊون ملتوي ڪيون وينديون. فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته خيبرپختونخواهه اسيمبلي جو اسپيڪر پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد ڪري. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ووٽ ڏيڻ هر شهري جو بنيادي حق آهي ۽ ڪنهن کي به ووٽ جي حق کان محروم نٿو ڪري سگهجي. واضح رهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ گذريل ڏينهن حڪم ڏنو هو ته ڪجهه سيٽن تي ميمبرن کي حلف کڻايو وڃي پر سني اتحاد ڪائونسل چيو آهي ته ڪجهه سيٽن تي حلف نه کڻنداسين، فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.