اروند ڪيجريوال جي رمانڊ ۾ واڌ، آمريڪي حڪومت جو مودي سرڪار تي تنقيد واپس وٺڻ کان انڪار

نئين دهلي (م ڊ) دهلي جي وڏي وزير اروند ڪيجريوال جي رمانڊ ۾ پهرين اپريل تائين واڌ ڪئي وئي آهي. دهلي جي هڪ عدالت خميس ڏينهن اروند ڪيجريوال خلاف انفورسمينٽ ڊائريڪٽوريٽ جي درخواست تي رمانڊ ۾ واڌ ڪندي کيس پهرين اپريل تي ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ٻئي طرف آمريڪا  ڪيجريوال جي گرفتاري بابت مودي حڪومت تي سخت تنقيد واپس وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته آمريڪي حڪومت جي تنقيد جي جواب ۾ ڀارتي پرڏيهي وزارت آمريڪي سفير کي طلب ڪري سخت احتجاج ڪيو هو.

  1. حڪومت طرفان درآمدي ڪڻڪ جو اٽو پرڏيهه موڪلڻ جي اجازت

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت  اٽو ٻاهرين ملڪ موڪلڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، ميڊيا رپورٽ مطابق اٽو ٻاهرين ملڪ   موڪلڻ جي منظوري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن مطابق ڪڻڪ مان تيار ٿيل اٽو موڪلڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، حڪومت اٽو موڪلڻ جي اجازت  ايڪسپورٽ جي سهولت جي اسڪيم 2021ع  تحت ڏني ۽ ايگزيڪيٽو آرڊر 2022ع جي ترميم تحت ٿيو، حڪومت ذريعن مطابق ملڪ ۾ ڪڻڪ موجود آهي، جڏهن ته گذريل سال ڪڻڪ جو پيدواري ٽارگيٽ32.1 ملين ٽن حاصل ڪيو ويو هو، حڪومتي ذريعي مطابق ڪڻڪ مقرر ٿيل ٽارگيٽ کان 1.8 سيڪڙو وڌيڪ ٿي آهي.

  1. پاڪستان حڪومت سڌارا پسند وزيراعظم جي هٿ آهي: بلوم برگ

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي ميگزين بلومبرگ چيو آهي ته پاڪستان جي نئين حڪومت جي قيادت سڌارا پسند وزيراعظم شهباز شريف جي هٿ ۾ آهي. فنانشل ٽائمز  اسٽاڪ ايڪسچينج 6 مهينن لاءِ پاڪستان جي سيڪنڊري ايمرجنگ مارڪيٽ جي حيثيت برقرار رکي آهي. بلومبرگ موجب پاڪستاني شيئر مارڪيٽ جي حيثيت گهٽجڻ جا خدشا هئا، سال 2017ع ۾ پاڪستاني شيئر مارڪيٽ جو سرمايو 100 ارب ڊالر هو، جڏهن ته هاڻي پاڪستاني شيئر مارڪيٽ جي سيڙپڪاري 21 ارب ڊالر آهي. بلومبرگ پاڪستان جي نئين حڪومت بابت چيو ته پاڪستان کي هڪ مضبوط حڪومت ملي آهي ۽ پاڪستان جي نئين حڪومت جي قيادت سڌارا پسند وزيراعظم شهباز شريف جي هٿ ۾ آهي.

  1. سپريم ڪورٽ پاران فوجي عدالتن کي محفوظ فيصلا ٻڌائڻ جي مشروط اجازت

اسلام آباد ( م ڊ ) فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن کي محفوظ ٿيل فيصلا ٻڌائڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي. جسٽس امين  الدين خان جي سربراهي ۾ 6 رڪني لارجر بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي، جسٽس محمد علي مظفر، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس شاهد وحيد، جستس مسرت هلالي، جسٽس عرفان سعادت خان بينچ ۾ شامل آهن.ٻڌڻي جي شروعات ۾ اٽارني جنرل خاص عدالتن مان 15 کان 20 جوابدار آزاد ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو. اٽارني جنرل عدالت کي آگاهه ڪيو ته بريت ۽ گهٽ سزا وارن کي رعايت ڏئي آزاد ڪيو ويندو، مجموعي طور تي 105 جوابدار فوج جي تحويل ۾ آهن. اٽارني جنرل عدالت کي استدعا ڪئي ته خاص عدالتن کي محفوظ ڪيل فيصلا ٻڌائڻ جي اجازت ڏني وڃي، ان تي جسٽس امين الدين خان ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن اجازت ڏني به وڃي ته اها اجازت اپيلن جي حتمي فيصلي سان مشروط هوندي. سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن کي محفوظ ڪيل فيصلا ٻڌائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته رڳو انهن ڪيسز جا فيصلا ٻڌايا ويندا جن ۾ نامزد ماڻهو عيد کان اڳ آزاد ٿي سگهن ٿا، اٽارني جنرل خاطري ڪرائي ته گهٽ سزا وارن کي قانوني رعايتون ڏنيون وينديون، فيصلا ٻڌائڻ جي اجازت اپيلن تي حتمي فيصلي سان مشروط هوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.