عوام لاءِ بم تيار، بجلي پوڻا ٻه رپيا مهانگي، پيٽروليم ليوي تي 30 رپيا واڌ جو امڪان

اسلام آباد(م ڊ) حڪومت عوام لاءِ مهانگائي جو بم تيار ڪري ورتو، بجلي پوڻا ٻه رپيا مهانگي ڪئي وئي آهي، پيٽرول به ليوي ۽ جي ايس ٽي لڳائي مهانگو ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن. پيٽروليم شين ۽ حياتياتي ٻارڻ ( فاصل فيول)  تي 20 کان 30 رپيا ليٽر ڪاربن ليوي لاڳو ڪرڻ جي تجويز سامهون آئي آهي.ذريعن موجب ليوي نان ٽيڪس روينيو جي مد ۾ لاڳو ڪرڻ جي تجويز آهي ۽ ان جو مقصد انهن شين جي کپت جي حوصلا شڪني ڪرڻ آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪاربن ليوي سان حاصل ڪيل روينيو وفاقي حڪومت استعمال ڪري سگهندي. واضح رهي ته پيٽروليم شين تي اڳ کان 60 رپيا ليٽر پيٽروليم ليوي لاڳو آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف به پيٽروليم شين تي 18 سيڪڙو جي ايس ٽي لڳائڻ جو مطالبو ڪيو هو.  هوڏانهن نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ 2 رپيا 75 پئسا واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نيپرا طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب ايندڙ 3 مهينن لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 2 رپيا 75 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته وصولي اپريل، مئي ۽ جون جي بلن ۾ هوندي. جاري ڪيل پڌرائي موجب بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري مالي سال 24-2023 جي ٻئي ٽه ماهي جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڏني وئي آهي. ڊسڪوز 4 رپيا 43 پئسا واڌ جي درخواست ڪئي هئي. قيمتن ۾ اضافو 50 يونٽس وارن لائف لائن گراهڪن تي لاڳو نه ٿيندو. نيپرا موجب ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين کان به بجلي وصول ڪئي ويندي. نيپرا بجلي جو اگهه وڌائڻ جو فيصلو وفاقي حڪومت کي موڪلي ڇڏيو، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته واهپيدارن کان واڌو وصوليون اپريل، مئي ۽ جون ۾ ڪيون وينديون. بجلي جي اگهه ۾ واڌ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي به لاڳو ٿيندي، ان واڌ سان واهپيدارن تي 85 ارب 20 ڪروڙ رپين جو واڌو بار پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.