وفاق ۽ ڪي پي حڪومت جو دهشت گردن خلاف آپريشن جو فيصلو

پشاور (م ڊ) پشاور ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ خيبرپختونخواه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال ۽ دهشتگردن خلاف ڪاررواين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. انٽيليجنس جي بنياد تي آپريشن تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ملاقات ۾ شانگلا حملي جي سهولتڪارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو. علي امين گنڊاپور ۽ محسن نقوي چيني حڪومت، عوام ۽ شانگلا حملي ۾ مارجي ويل چيني شهرين جي خاندانن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو. محسن نقوي چيو ته چيني شهرين تي حملي ۾ ملوث عنصر سزا کان بچي نه سگهندا. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ پاڪستان جي بقا جي جنگ آهي، خيبرپختونخواه سان هر ممڪن تعاون ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.