سکر ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، معصوم نينگر مارجي ويو، 2 شڪي گرفتار

سکر (رپورٽر) سکر ريجنٽ ڪالوني واري علائقي ۾ فائرنگ، 13 ورهين جو ٻارڙو مارجي ويو، سکر جي سي سيڪشن ٿاڻي جي  علائقي ريجنٽ سئنيما مدينه ڪالوني ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ جو واقعو پيش آيو، فائرنگ جي نتيجي ۾ گولي لڳڻ سبب 13 ورهين جو نينگر زين صديقي مارجي ويو، هٿياربند موقعي تان فرار ٿي ويا، جنهن بعد مارجي ويل زين جو لاش سول اسپتال سکرآندو جتي ضروري ڪاغذي ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ، فائرنگ واقعي سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ سندس والد بي حال بڻجي ويو، ٻئي پاسي مقتول نينگر جو لاش وارثن ايمبولينس تي کڻائي سکر پريس ڪلب ٻاهران ميناري روڊ تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪيو، شھرين ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته قاتلن کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو وڃي، ظالمن هن ڀلاري مهيني ۾ معصوم زين صديقي کي بي گناھ قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو آھي، هوڏانهن پوليس شق جي بنياد تي 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.