اورنج ۽ گرين لائين کي ڳنڍڻ جي منصوبي تي عمل ڪيو پيو وڃي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي ( رپورٽر)سنڌ جي ايڪسائيز، ٽيڪسيشن، نارڪوٽڪس ڪنٽرول، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اورنج لائين ۽ گرين لائين کي ڳنڍڻ جي منصوبي تي عمل ڪيو پيو وڃي، ان کي ڳنڍڻ لاءِ شٽل سروس شروع ڪئي ويندي. اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شروعاتي طور تي عيد کانپوءِ نمائش ٽاور تائين فوري شٽل سروس فراهم ڪئي ويندي، جڏهن ته انو ڀائي پارڪ کان جناح وومين ڪاليج تائين مفت شٽل سروس فراهم ڪئي ويندي.هن چيو ته وفاقي حڪومت پي ايس ڊي پي منصوبي تحت 18 ارب رپين جون 300 بسون ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو، پي ايس ڊي پي منصوبي تحت بسن جي فراهمي لاءِ وفاق سان ڳالهيون ڪيون وينديون.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته نگران حڪومت ريڊ لائين بي آر ٽي تي ڌيان نه ڏنو، جنهن سبب ڪم ۾ دير ٿي، سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي ڪوششن سان ريڊ لائين بي آر ٽي تي ٻيهر ڪم تيزيءَ سان شروع ڪري رهيا آهيون.هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ريڊ لائين بي آر ٽي جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ٿئي ۽ عوام کي فائدو پهچي سگهي.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت هاڻي انٽر سٽي بس سروس شروع ڪرڻ جي منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي، انٽر ڊسٽرڪٽ ٽرانسپورٽ منصوبي تحت عوام جي سهولت لاءِ 500 بسون خريد ڪيون وينديون.هن چيو ته ييلو لائين بس سروس جو ڪم تيزي سان هلي رهيو آهي، اميد آهي ته تمام جلد ماڻهو ييلو لائين بس سروس مان فائدو حاصل ڪري سگهندا، سنڌ حڪومت پاران ڪراچي کان حيدرآباد، ميرپورخاص کان حيدرآباد، لاڙڪاڻي کان سکر، لاڙڪاڻو کان قمبر شهدادڪوٽ تائين بسون هلايون وينديون.اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ايم ڊي ايس ايم ٽي اي ڪمال دايو، ٽرانس ڪراچي جي وقتي سي اي او شمائله محسن، ريڊ لائن، اورنج لائن، ييلو لائن جي اختيارين، انٽرنيشنل ڪنسلٽنٽ ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.