پنجاب ۾ انسانيت لڄائيندڙ واقعو، ڀاءُ ۽ والد هٿان ناري سان زيادتي،قتل

لاهور(م ڊ) پنجاب جي ضلعي ٽوبا ٽيڪ سنگهه ۾ قتل جي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ پوليس هڪ عورت جي قتل جي الزام ۾ سندس ڀاءُ فيصل۽ والد عبدالستارکي ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪري ورتو آهي، وڊيو ۾ جوابدار 3 منٽن تائين ڀيڻ جي منهن تي وهاڻو رکيو جنهن سان هو مري وئي، ان واقعي جي وڊيو ٺاهيندڙ ۽ واردات ڪندڙن سڀني ان واقعي کي لڪايو هو،مقتول ماريا جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو آهي،مقتوله جي هڪ ڀاءُ ٿاڻي ۾ درخواست ڏني ته سندس والد ۽ ڀاءُ ماريا سان زيادتي ڪندا هئا جنهن جي باري ۾ ماريا درخواست گذار جي گهرواري کي به ٻڌايو هو،واقعي جي وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز آءِ جي پنجاب کان معاملي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور جو چوڻ آهي ته ٻه جوابدار گرفتار آهن باقي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٽيمون جوڙيون ويون آهن، مقتوله جي ڀاڄائي چيو ته ماريا مون کي پاڻ سان ٿيندڙ ظلم بابت ٻڌايو ۽ چيو ته مون کي انصاف ڏياريو،قتل وقت ٻه ٻيا ماڻهو به موجود هئا، اسان کي ڏسي ڀڄي ويا،منهنجي ٻن نياڻين کي به اغوا ڪري چپ رهڻ جي ڌمڪي ڏني وئي،شهباز چيو ته جڏهن اهي قتل ڪري رهيا هئا ته مون موبائل فون سان وڊيو بڻائي، کين اها خبر نه هئي ته مان وڊيو ٺاهي آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.