ڪامياب اميدوارن جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيڻ خلاف ڌرين کي نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ  حمايتي يافته اميدوار سيف باري جي طرفان پي ايس 129 تي ڪامياب اميدوارن جو نوٽيفيڪشن جاري نه ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي، درخواست گذار وڪيل موقف  ڏنو ته فارم 45 موجب سيف باري پي ايس 129مان ڪابيابي حاصل ڪئي، حافظ نعيم الرحمان عوام جي سامهون ڪٿي آهي،حافظ نعيم الرحمان پنهنجي چونڊن جي خرچن موجب فارم به  جمع نه ڪرايو.

 

اليڪشن ڪميشن حڪم ڏنو ته 129 جي ڪامياب اميدوارن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري، اسان اليڪشن جي نوٽيفڪيشن جي خلاف ٽربيونل سان رابطو ڪنداسين، عدالت اليڪشن ڪميشن، ايڊووڪيٽ جنرل ڊپٽي اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪندي 9 اپريل تائين جواب طلب ڪيو ويو.

  1. سنڌ سرڪار طرفان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي عام موڪل جو اعلان

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ سرڪار طرفان 4 آپريل خميس ڏهاڙي تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي، سنڌ  سرڪار جي سروسز، جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊنيشن کاتي طرفان موڪل بابت نوٽفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم قائد عوام  شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 45 هين ورسي  جي موقعي تي سڄي صوبي ۾ 04 اپريل  خميس ڏهاڙي تي عام موڪل هوندي.

  1.  سنڌ هاءِ ڪورٽ چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف توهين  عدالت جي  درخواست رد ڪري ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ  هاءِ ڪورٽ انتخابي نتيجن ۾ ڌانڌلي ۽ اميدوارن جي درخواست  تي تفصيلي فيصلو نه ڪرڻ جي معاملي تي چيف اليڪشن ڪميشن جي خلاف توهين عدالت جي درخواست رد ڪري ڇڏي،  جمعي رات تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ اين اي 231 ۽ 249 کان اميدوارن جا چيف اليڪشن ڪميشنز  ۽ ٻين جي خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي علي طاهر موقف اختيار ڪندي ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن درخواستن تي تفيصيلي فيصلو جاري ڪيو، اميدوارن اليڪشن ڪميشن طرفان کٽڻ واري اميدوارن جي ڪاميابي کي اليڪشن ٽربيونل ۾ چئيلنج ڪيو.

  1. 9 مئي ڪيس ۾ آزادي ماڻيندڙ 13 پي ٽي آءِ ڪارڪن ٻيهر گرفتار

راولپنڊي (م ڊ) 9 مئي ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ جي 13 ڪارڪنن کي آزادي ماڻڻ کان پوءِ راولپنڊي پوليس ٻيهر گرفتار ڪري ورتو آهي. پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي راولپنڊي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ضمانت منظور ٿيڻ تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو هو. آزادي ماڻڻ کان پوءِ ڪارڪنن کي اڊيالا جيل جي گيٽ 3 نمبر کان ٻاهران گرفتار ڪيو ويو.

 

پوليس موجب جوابدارن کي 16 ايم پي او حڪمن جي تحت گرفتار ڪيو ويو. ايم پي او جا حڪم راولپنڊي جي ڊپٽي ڪمشنر جاري ڪيا هئا. جوابدارن حساس اداري جي آفيس جي گيٽ تي حملي جي ڪيس ۾ نامزد آهن. جن ۾ اسد، ابرار، رضوان، احمد علي، سجاد، آصف، رضوان ۽ سهيل شامل آهن. ياد رهي ته گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ 5 جڏهن ته دهشتگردي جي انت واري عدالت 19 جوابدارن جي ضمانت منظور ڪئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.