بابر اعظم جي پي سي بي چيئرمين سان ملاقات، ڪپتاني بابت گفتگو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) سليڪشن ڪميٽي طرفان ڪپتاني لاءِ نالو تجويز ڪرڻ کانپوءِ بابر اعظم پي سي بي چيئرمين محسن نقوي سان ملاقات ڪئي آهي.
ذريعن موجب، ملاقات دوران ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ رٿيل سيريز جي تيارين بابت ڳالهه ٻول ٿي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي چيئرمين ۽ بابر اعظم وچ ۾ پاڪستان ٽيم جي ڪپتاني جي حوالي سان ڳالهيون ٿيون.
ذريعن موجب، محسن نقوي ڪپتان بابت تجويزن ۽ سفارشن لاءِ قومي سليڪشن ڪميٽي کي ذميواري سونپي هئي، سليڪشن ڪميٽي پنهنجون سفارشون پي سي بي چيئرمين کي موڪلي ڇڏيو آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سليڪشن ڪميٽي ڪپتاني لاءِ ٻين رانديگرن سان گڏ بابر اعظم جو نالو محسن نقوي ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي.
ياد رهي ته گذريل سال نومبر ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سربراهه ذڪاءَ اشرف بابراعظم جي جاءِ تي شاهين آفريدي کي ٽي ٽوئنٽي ۽ شان مسعود کي ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.