پي ٽي آءِ ججن جي خط تي جاچ لاءِ حڪومت جي انڪوائري ڪميشن کي رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي خط تي جاچ لاءِ وفاقي حڪومت جي انڪوائري ڪميشن کي رد ڪري ڇڏيو.
پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جو هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن جي پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو ته پي ٽي آءِ حساس معاملي تي چيف جسٽس جي وزيراعظم سان ملاقات تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ معاملي کي لارجر بئنچ سامهون رکڻ ۽ کليل عدالت ۾ ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.
پڌرائيءَ موجب ججن جو خط حڪومت خلاف فرد جرم آهي، رٽائرڊ جج ذريعي جاچ شفاف جاچ سان مذاق آهي، خط ۾ ججن عدليا جي وجود کي پيش بنيادي چئلينج کي بي نقاب ڪيو.
ڪور ڪميٽي چيو ته چوري جي مينڊيٽ تي ويٺل وزيراعظم اهڙي جاچ ڪرائڻ جي لائق ناهي، چيف جسٽس عدليا جي مستقبل لاءِ ساٿي ججن کي انصاف فراهم ڪري،
پڌرائيءَ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ججن جي مطالبي جي روشني ۾ جڊيشل ڪانفرنس طلب ڪئي وڃي، هر سطح جي ججن کي موضوع تي حقيقتون قوم سامهون رکڻ جو موقعو ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.