ايچيسن ڪاليج جي شاگردن لاءِ مهيني جي فيس ڪيتري آهي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) لاهور جو ايچيسن ڪاليج انگريزن جي دور ۾ ٺهيل هڪ اهڙو ادارو آهي، جنهن پنهنجي تعليمي معيار سبب اشرافيه طبقي ۾ هڪ اهم مقام حاصل ڪيو آهي.

هي ڪاليج نه رڳو پنجاب پر پاڪستان جي مشهور ۽ وڏن تعليمي ادارن ۾ شامل آهي.

پرنسپل مائيڪل ٿامپسن جي گورنر سان اختلافن کانپوءِ اهو ڪاليج بحث هيٺ آيو آهي پر اتي فيس گهڻي ورتي ويندي آهي؟ ان تي نظر وجهون ٿا.

ڪلاس ڪي ون، ڪي ٽو، ڪي ٿري، ڪي فور ۽ ڪي فائيو جي ٽيوشن فيس 55 هزار 900 رپيا آهي جڏهن ته انهن درجن جا بورڊنگ چارجز 59 هزار 300 رپيا آهن.

ٻئي پاسي ڇهين، اي ٽو ۽ ايم ون ڪلاسز جي ٽيوشن فيس 61 هزار 300 رپيا آهي جڏهن ته بورڊنگ چارجز 63 هزار 600 رپيا آهن.

ان کانسواءِ نائين ۽ ڏهين درجي، ايم ٽو، سي ون ۽ سي ٽو جي ٽيوشن في 67 هزار 700 رپيا جڏهن ته بورڊنگ چارجز 68 هزار 400 رپيا آهن.

ايف ايس سي ون، ايف ايس سي ٽو، ايڇ ون ۽ ايڇ ٽو جي ٽيوشن فيس 77 هزار 500 ۽ ان جا بورڊنگ چارجز 70 هزار 700 رپيا آهن.

مٿي ڏنل ٽيوشن فيس ۽ بورڊنگ چارجز ماهوار ادا ڪرڻا هوندا آهن.

راندين، سفري سهولت سميت مارڪس مين شپ جي في ڌار آهي.

ٽرانسپورٽيشن في 15 هزار رپيا رائيڊنگ فيس 12 هزار رپيا آهي.

ايرينا پولو جي فيس 12 هزار رپيا ۽ مارڪس مين شپ جي فيس 6 هزار رپيا آهي.

فيس ۽ چارجز ۾ سالياني واڌ ويجهه به ٿيندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.