عورت هڪ ئي وقت 5 ٻارن کي جنم ڏئي ڇڏيو

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد جي الائيڊ اسپتال ۾ ٽوبه ٽيڪ سنگهه واسڻ عورت هڪ ئي وقت 5 ٻارن کي جنم ڏئي ڇڏيو، جن ۾ 3 ڌيئرون ۽ 2 پٽ شامل آهن.
ٽوبه ٽيڪ سنگهه واسي شان جي گهرواري فروا کي ٻه ڏينهن اڳ الائيڊ اسپتال جي گائني وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو، اڄ صبح عورت 5 ٻارن کي جنم ڏنو.
5 ٻارن جي هڪ ئي وقت پيدائش تي جوڙو ۽ سندن گهر ڀاتي خوش ٿي ويا.
اسپتال ذريعن موجب سمورا ٻار ۽ سندن ماءُ مڪمل طور صحتياب آهي، شان ۽ فروا کي اڳ ۾ ٻن ڌيئرن جو اولاد آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.