سنجي ليلا ڀنسالي” هيرا منڊي “ جي رليز جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي نامياري هدايتڪار سنجي ليلا ڀنسالي مداحن جو انتظار ختم ڪرائيندي پنهنجي ويب سيريز ” هيرا منڊي، دي ڊائمنڊ بازار “ جي رليز جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، 27 مارچ تي سنجي ليلا ڀنسالي هڪ شاندار تقريب جو انعقاد ڪيو جنهن ۾ سندس نئين ايندڙ ويب سيريز هيرا منڊي جي پوري ٽيم ۽ ڪاسٽ شرڪت ڪئي.
هن شاندار تقريب ۾ ڊرون لائيٽ شو جو بندوبست ڪيو ويو، لائٽس ذريعي ٻڌايو ويو ته ويب سيريز هيرا منڊي هلندڙ سال پهرين مئي تي او ٽي ٽي پليٽ فارم نيٽ فلڪس تي رليز ڪئي ويندي.
تقريب ۾ سوناڪشي سنها، منيشا ڪوئرالا، ريچا چڍا، سنجيدا شيخ ۽ شرمين سيگل موجود هيون جڏهن ته آديتي رائو حيدري اداڪار سڌارٿ سان شادي سبب تقريب ۾ شرڪت نه ڪري سگهي.
ان موقعي تي سنجي ليلا ڀنسالي چيو ته هو هيرا منڊي جي دنيا کي نيٽ فلڪس تي آڻڻ لاءِ پوري ڪاسٽ ۽ ٽيم جو ٿورائتو آهي.
هن چيو ته اسان پهرين مئي جو بي صبري سان انتظار ڪري رهيا آهيون ۽ يقين آهي ته سموري دنيا جا شوقين به هيرا منڊي جي رليز لاءِ پرجوش آهن.
ٻئي پاسي نيٽ فلڪس انڊيا ۽ ڀنسالي پروڊڪشن انسٽاگرام تي تقريب جي وڊيو پوسٽ ڪئي ۽ گڏيل پوسٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اِهو لمحو اچي ويو آهي جنهن جو اوهان سڀ انتظار ڪري رهيا هئا.
پوسٽ ۾ چيو ويو آهي ته سنجي ليلا ڀ ڀنسالي جي پهرين مهاڪاوي، شاندار سيريز هيرا منڊي: دي ڊائمنڊ بازار پهرين مئي ته رڳو نيٽ فلڪس تي رليز ٿيندي.
واضح رهي ته هيرا منڊي ۾ 1940ع جي دور عڪاسي ڪئي وئي آهي جنهن ۾ درٻار ۽ طوائفن وچ ۾ لاڳاپن تي ڪهاڻي جي بنياد رکي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.