ڊي آءِ جيءَ جي پٽ جي هوائي فائرنگ، آءِ جي سنڌ نوٽيس ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي ايسٽ اظفر مهيسر جي پٽ جي هوائي فائرنگ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو.
ڪراچي پوليس جي سينيئر آفيسر ڊي آءِ جي ايسٽ اظفر مهيسر جي پٽ جي هٿيار جي نمائش ۽ هوائي فائرنگ جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون هيون، وڊيوز ۾ ڊي آءِ جي جي پٽ عاشر مهيسر کي مختلف هنڌن تي فائرنگ ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.
آءِ جي سنڌ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي واقعي جي مڪمل جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
آءِ جي سنڌ چيو ته جاچ رپورٽ جي روشني ۾ محڪماڻي ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويندو.
ڊي آءِ جي ايسٽ اظفر مهيسر وڊيو کي پٽ خلاف پروپئگنڊا قرار ڏنو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.