”لڳي ٿو اهي عمرا ڪنهن خاص شخص لاءِ ٿي رهيا آهن“

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل پنهنجي اصيل جي عمري تي وڃڻ لاءِ اجازت طلب ڪئي، جنهن تي عدالت دلچسپ ريمارڪس ڏنا.
پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عتيق شاهه ۽ جسٽس شڪيل احمد صوبائي وزير فضل شڪور ۽ اسيمبلي ميمبرن جا نالا اي سي ايل ۽ اسٽاپ لسٽ ۾ وجهڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران درخواستگذار وڪيل چيو ته درخواستگذار عمري لاءِ ٻاهر وڃڻ چاهي ٿو، جنهن تي جسٽس عتيق سوال ڪيو ته اهي سڀ عمري لاءِ وڃي رهيا آهن؟ لڳي ٿو ته عمرو ڪنهن خاص شخص لاءِ ٿي رهيو آهي، اتي وڊيوز ٺاهي چوندا اسان توهان لاءِ عمرو ڪيو ۽ دعا به گهري رهيا آهيون.
جسٽس شڪيل احمد درخواستگذار جي وڪيل کي چيو ته اهي پاڻ سان گڏ اسد قيصر کي به وٺي وڃن، هو به عمري لاءِ وڃڻ چاهي ٿو.
پوءِ عدالت وفاقي حڪومت، ايف آءِ اي ۽ لاڳاپيل ڌرين کان 7 ڏينهن ۾ جواب طلب ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.