صاحبا جي پيءُ سان پهريون ڀيرو ملاقات: وڊيو وائرل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ماضي جي مشهور فلمن جي اداڪارا صاحبه انڪشاف ڪيو آهي ته هن سندس پيءُ امام رباني سان 42 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو ملاقات ڪئي آهي، سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي پنهنجي پيءُ سان جذباتي وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ شڪايت ڪندي نظر ٿي اچي.

صاحبا جي پنهنجي پيءُ سان وڊيو وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ هوءَ چئي رهي آهي ته هن سال پهريون ڀيرو هوءَ فادرز ڊي ملهائيندي.

واضح رهي ته صاحبا مشهور اداڪارا نشو جي نياڻي آهي. صاحبا هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو هوته هن پنهنجي پيءُ کي ڪڏهن به نه ڏٺو آهي ۽ نه ڪڏهن ملاقات ڪئي آهي. ماءُ نشو سندس پيدائش کان اڳ ئي عليحدگي ڪري ڇڏي هئي.

هن وڌيڪ چيو هو ته سندس پيءُ ڪڏهن ملڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي ان لاءِ پيءُ لاءِ ڪي به احساس نه هيس. هن ٻڌيو هو ته ماءُ فلمن جي شوٽنگ ۾ مصروف هوندي هئي ته کيس نانا ناني وٽ ڇڏيندي هئي، سندس گهڻو وٽ ناناڻن وٽ گذريو.

تازو ندا ياسر جي شو ۾ اداڪارا صاحبا پنهنجي ٻارن سميت شرڪت ڪئي جتي هن ذاتي زندگي بابت کليل ڳالهه ٻولهه ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.