فوجي ٽريننگ ڪئمپ: اعظم خان 2 ڪلو ميٽر ڊوڙ ۾ مشڪل جو شڪار

ايبٽ آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ايندڙ سيريز ۽ ٽورنامينٽس جو حصو بڻجندڙ امڪاني رانديگرن کي ڪاڪول جي فوجي اڪيڊمي ۾ تربيت ڏني پئي وڃي جنهن دوران قومي ٽيم جو وڪيٽ ڪيپر بيٽر اعظم خان ٻه ڪلوميٽر جي ڊوڙ ۾ سخت ڏکيائين جو شڪار ٿي ويو.
فوجي ٽريننگ جي ٻئي ڏينهن ڪرڪيٽرن جي فٽنس جو جائزو وٺڻ لاءِ کين ٻن ميٽرن تائين ڊوڙايو ويو، ان ٽيسٽ دوران عرفان الله خان نيازي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ٻن ڪلوميٽرن جي ڊوڙ 6 منٽ ۽ 47 سڪينڊن ۾ مڪمل ڪئي جڏهن ته اعظم خان رڳو ڏيڍ ڪلوميٽر تائين ئي ڊوڙي سگهيو، ان ريس جو ٽائيم فريم ويهه منٽ رکيو ويو هو.
ٻين رانديگرن ۾ محمد رضوان اٺ منٽ 26 سيڪنڊن، محمد حارث، نسيم شاهه، حسيب الله ۽ محمد وسيم جونيئر 8 منٽ 27 سيڪنڊن ۾ ڊوڙ مڪمل ڪئي.
اهڙي طرح مهراڻ ممتاز اٺ منٽ 30 سيڪنڊز، شاهين آفريدي اٺ منٽ 37 سيڪنڊز، آغا سلمان 9 منٽ 20 سيڪنڊز، محمد عامر 9 منٽ ٽيهه سيڪنڊز، شاداب خان نوَ منٽ 56 سيڪنڊ ۽ محمد نواز 9 منٽ 57 سيڪنڊ ۾ ريس مڪمل ڪئي.
آل رائونڊر عماد وسيم گوڏي جي امڪاني انجري ۾ مبتلا هئڻ جي خدشي سبب ڊوڙ ۾ حصو نه ورتو، اهڙي ريت فخر زمان ۽ حارث رئوف ٽيسٽ کان پاسو ڪيو ڇو ته ٻئي ڪرڪيٽرز پڻ انجري جو شڪار آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.