ڪراچي ۾ رولو ڪتن جي شڪايت لاءِ هيلپ لائن بحال، ايپ به تيار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اينٽي ربيز ڪنٽرول پروگرام جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر چيو آهي ته رولو ڪتن جي شڪايت لاءِ ايپ تيار ڪئي وئي آهي.
ڪراچي ۾ رولو ڪتن خلاف ڪارروائي ۽ ويڪسين جي عدم فراهمي بابت درخواست تي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي.
اينٽي ربيز ڪنٽرول پروگرام جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر جواب جمع ڪرائيندي چيو ته ڪتن جي چڪڻ جي واقعن جي شڪايت لاءِ ٺاهيل هيلپ لائن 1093 بحال ڪئي وئي آهي.
عدالت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ ٻڌايو ويو ته جنوري 2022 کان مارچ 2024 تائين 19 هزار کان وڌيڪ ڪتن کي ويڪسين لڳائي وئي، چار ضلعن ۾ ربيز ڪنٽرول سينٽر ٺاهيا ويا آهن، رولو ڪتن جي وڌندڙ آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قانون ٺاهيا ويا آهن.
جواب ۾ چيو ويو ته صوبي جي هر ضلعي ۾ ڊاگز پاپوليشن ڪنٽرول سينٽر ٺاهيا ويندا، 29 فيبروري تي هر ضلعي ۾ ڊاگز پاپوليشن ڪنٽرول سينٽر ٺاهڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
جواب ۾ ٻڌايو ويو ته رولو ڪتن ۽ چڪڻ جي واقعن بابت شڪايت لاءِ موبائل ايپ به تيار ڪئي وئي آهي، رمضان کانپوءِ عوام لاءِ اها ايپ بحال ڪئي ويندي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته شهري رولو ڪتن بابت تصور ۽ پتي سان گڏ شڪايت ڪري سگهن ٿا، رولو ڪتن جي ويڪسينيشن جو سلسلو جاري آهي.
عدالت درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي 4 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.