اديتي رائو حيدريءَ ٻي شادي ڪري ڇڏي

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار اديتي رائو حيدري پنهنجي ويجهي دوست سڌارٿ سان شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي.

ڀارتي ميڊيا موجب اديتي رائو حيدري سڌارٿ سان 26 مارچ تي تلنگانا جي رنگناٿ سوامي مندر ۾ پنهنجي ڪٽنب ۽ ويجهن مٽن جي موجودگي ۾ شادي ڪئي آهي جڏهن ته سندن شاديءَ جون تصويرون اڃا سوشل ميڊيا تي جاري ناهن ٿيو پر ذريعن موجب جلد هو پنهنجي شادي جو اعلان ڪندا.

رپورٽ موجب ٻنهي اداڪارن جي اها ٻي شادي آهي. اديتي رائو حيدري جي پهرين شادي اداڪار ستيا ديپ مشرا سان ٿي هئي جڏهن ته ٻنهي شادي جي خبر ڳجهي رکي پوءِ ٻنهي ۾ طلاق ٿي وئي. ٻئي پاسي سڌارٿ 2003 ۾ ميگهنا نارائن سان پهرين شادي ڪئي هئي، سندس شادي نه هلي سگهي ۽ سال 2007 ۾ ٻنهي ۾ عليحدگي ٿي وئي.

ڀارتي ميڊيا موجب اديتي رائو حيدري پنهنجي ذاتي زندگي ۾ ميڊيا جي مداخلت پسند ناهي ڪندي اهو ئي ڪارڻ آهي جو ٻنهي اداڪارن خاموشيءَ سان شادي ڪئي آهي.

واضح رهي ته اديتي رائو حيدري سڌارٿ سان 2021 ۾ تامل-تيلگو فلم ”مها سمندرم“ ۾ گڏ ڪم ڪيو هو، ان کان پوءِ ئي ٻنهي ۾ رومانوي تعلقات قائم ٿيا.

سڌارٿ ۽ اديتي رائو حيدري ڪجهه عرصو پنهنجي رشتي کي ڳجهو رکيو هو جڏهن ته ٻنهي کي مختلف پروگرامن ۾ گڏ ڏٺو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.