نوازالدين صديقي ۽ سندس زال ٻارن لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ٺاهه ڪري ڇڏيو

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار نوازالدين صديقي ۽ سندس گهرواري عاليا پنهنجي پٽ ياني ۽ ڌيءُ شورا لاءِ ٺاهه ڪري ڇڏي آهي.

نوازالدين صديقي ۽ عاليا جي شادي جي 14هين سالگرا تي عاليا صديقي جي ڌيءُ ، پٽ ۽ مڙس سان گڏ تصوير سوشل ميڊيا تي اچڻ بعد جوڙيءَ ۾ ٺاهه بابت اندازا لڳا پيا وڃن جڏهن ته دبئي ۾ ٻارن سان رهندڙ عاليا صديقي هاڻي ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو آهي ته ٻارن لاءِ نوازالدين صديقي سان گڏ رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

عاليا صديقي چيو آهي ته ٻنهي جي رشتي ۾ ٽين ماڻهو سبب پريشانيون ٿيون پر هاڻي سڀ جهيڙا ختم ڪري ٻارن اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا ڇاڪاڻ ته ٻار انهن جهيڙن مان متاثر ٿيا ۽ سندن وڏي نياڻي جيڪا پيءُ سان ويجهڙائي رکي ٿي اها جهيڙن مان وڏو پريشان ٿي. ان ڪارڻ ٻنهي زال مڙس سمجهوتو ڪري ٺاهه جو فيصلو ڪيو آهي.

واضح رهي 2020 ۾ به واٽس ايپ ۽ اي ميل ذريعي عاليا صديقيءَ طلاق جا نوٽيس نوازالدين صديقي کي موڪليا جنهن ۾ نوازالدين صديقي جي ڀاءُ شمس تي به تشدد جا الزام هنيا هيا پر بعد ۾ ٺاهه ڪري نوٽيس واپس ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.