ماڻهن کي ثنا ۽ شعيب جي خبر نه هئي ان لاءِ جهٽڪو لڳن : احسن خان

ممبئي(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪار احسن خان هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته ماڻهن کي شايد ثنا جاويد ۽ شعيب ملڪ بابت بلڪل اندازو نه هيو ان لاءِ صدمو لڳن.

اداڪارا ۽ ميزبان ناديا خان پنهنجي شو ۾ اداڪار ثنا جاويد ۽ شعيب ملڪ بابت احسن خان کان سوال ڪيو جنهن تي احسن خان محتاط ٿي جواب ڏنو.

ناديا جي سوال تي احسن خان چيو ته ثنا جاويد جي شادي تي کيس خوشي ٿي آهي، جنهن جو سبب اهو آهي ته هوءَ پنهنجي پهرين شادي جي تعلق مان خوش نه هئي ته طلاق وٺي ڇڏي ۽ ٻي شادي ڪئي، ماڻهن لاءِ اها عام ڳالهه ان لاءِ هجڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اهو ذاتي معاملو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ثنا سان سندس سٺي دوستي آهي، جيئن ڪڏهن هن شعيب بابت ڪا ڳالهه ڪئي به هوندي ته ان جو ذڪر هن شو ۾ نه ڪرڻ چاهيندو.

هن چيو ته ماڻهن ان خبر تي وڏو ردعمل ڏنو جنهن جو کيس اندازو نه هيو، شايد ان لاءِ به ماڻهن کي جهٽڪو لڳو جو اها خبر اوچتو سندس سامهون آئي، پر نڪاح ڪرڻ کان بهتر اڃا ڇا هوندو؟

واضح رهي ته جنوري 2024 ۾ سوشل ميڊيا تي تصويرون پوسٽ ڪري ثنا جاويد ۽ شعيب ملڪ شادي جو اعلان ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.