پاڪستان ٽيم جي ڪوچنگ، جيسن گليسپي اهم فيصلو ڪري ورتو

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي آسٽريلوي فاسٽ بالر جيسن گليسپي ويسٽرن آسٽريليا ۽ ايڊيليڊ اسٽرائڪرز جي ڪوچنگ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
آسٽريلوي ميڊيا موجب، جيسن گليسپي جو ويسٽرن آسٽريليا سان معاهدي جو هڪ سال باقي هو، جيسن گليسپي ويسٽرن آسٽريليا ۽ ايڊيليڊ اسٽرائيڪرز جي هيڊ ڪوچ طور خدمتون انجام ڏئي رهيو هو.
ٻئي پاسي ڏکڻ آسٽريلوي ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن طرفان جيسن گليسپي جي پي سي بي سان جڙڻ واري معاملي موقف ڏيڻ کان پاسو ڪيو آهي.
آسٽريلوي ميڊيا موجب، جيسن گليسپي پاڪستان ٽيم جي ڪوچنگ لاءِ مضبوط اميدوار آهي ۽ پاڪستان سان ڪوچنگ جي رابطن سبب ويسٽرن آسٽريليا جي ڪوچنگ ڇڏي رهيو آهي.
جيسن گليسپي ويسٽرن آسٽريليا سان ٻن ورهين لاءِ ڪوچنگ جو معاهدو ڪيو هو، جڏهن ته سندس ڪوچنگ ۾ ايڊيليڊ اسٽرائيڪرز ڇهه ڀيرا فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪي آهي.
ان موقعي تي جيسن گليسپي جو چوڻ هوته سائوٿ آسٽريلين ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن وٽان جيڪو ڪجهه حاصل ڪيو ان تي فخر آهي، مان نوان موقعا ڳولڻ ۽ پنهنجي ڪيريئر ۾ نئون باب شروع ڪرڻ لاءِ بيتاب ۽ پرجوش آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.