پي سي بي جو پاڪ-نيوزيلينڊ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٽڪيٽن بابت اهم اعلان

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، نيوزيلينڊ سان ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ ٽڪيٽن جي وڪرو جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو.
پي سي بي موجب، پهرئين مرحلي ۾ آن لائين ٽڪيٽن جي پري بُڪنگ جمعي جي شام 5 وڳي pcb.tcs.com.pk تي شروع ٿيندي .
راولپنڊي ۾ شيڊيول ميچن جون ٽڪيٽون گهٽ ۾ گهٽ پنج سئو رپين ( پريميم ) ۽ وڌ کان وڌ ساڍن ست هزار رپين ( وي وي آءِ پي گئلري) ۾ دستياب هوندي، جڏهن ته پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ هاسپٽيلٽي سيٽون ٻارنهن هزار رپين ۾ دستياب هونديون.
لاهور ۾ رٿيل ميچن لاءِ ٽڪيٽ جي قيمتون جنرل سيٽ لاءِ ٽي سئو رپين کان شروع ٿينديون ۽ چوٿين ٽي ٽوئنٽي لاءِ وڌ کان وڌ ڇهه هزار رپيا جڏهن ته پنجين ٽي ٽوئنٽي ۾ وي آءِ پي گئلري لاءِ ٽڪيٽ ست هزار رپيا هوندي.
ان کانسواءِ فار اينڊ بلڊنگ ۾ قائم هاسپٽيلٽي باڪس به دستياب هوندا، 25 اپريل واري ميچ لاءِ هاسپٽيلٽي باڪس چهه لک رپين ۾ دستياب هوندو جڏهن ته 27 اپريل جي ميچ لاءِ باڪس ست لک رپين ۾ دستياب هوندو.
پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز 18 اپريل کان کيڏي ويندي ، سيريز جون سموريون ميچون شام ساڍي ستين وڳي شروع ٿينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.