اڳوڻو نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ ۽ ايمل ولي بلوچستان مان سينيٽر چونڊجي ويا

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان مان سينيٽ جي 11 سيٽن تي 9 سينيٽر بنا مقابلي چونڊجي ويا، جن ۾ آزاد اميدوار اڳوڻو نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ به شامل آهي.
جنرل سيٽن تي ن ليگ جو سيدال ناصر ۽ آغا شاهزيب دراني سينيٽر چونڊجي ويا.
پ پ جو سردار عمر گرگيج، نيشنل پارٽي جو جان بليدي به جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊجي ويو.
عوامي نيشنل پارٽي جو اڳواڻ ايمل ولي بلوچستان مان بنا مقابلي سينيٽر چونڊجي ويو، جڏهن ته جي يو آءِ ف جو احمد خان به بنا مقابلي سينيٽر چونڊجي ويو.
عورتن جي سيٽن تي ن ليگ جي راحت جمالي ۽ پ پ جي حسنه بي بي سينيٽر چونڊجي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.