وومينز ڪرڪيٽ ايشيا ڪپ جو شيڊيول جاري، پاڪستان ۽ ڀارت هڪ گروپ ۾ شامل

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل ( اي سي سي ) وومينز ڪرڪيٽ ايشيا ڪپ جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو.
اٺ ٽيمن تي ٻڌل وومينز ايشيا ڪپ 19 کان 28 جولاءِ تائين دمبولا، سريلنڪا ۾ کيڏيو ويندو.
پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون هڪ ئي گروپ ۾ شامل آهن، يو اَي ايِ ۽ نيپال به پاڪستان ۽ ڀارت سان گڏ گروپ اي ۾ شامل آهن.
گروپ بي ۾ سريلنڪا، بنگلاديش، ملائيشيا ۽ ٿائيلينڊ جي ٽيمن کي شامل ڪيو ويو آهي.
پاڪستان وومينز ٽيم پهرين ميچ 19 جولاءِ تي نيپال خلاف کيڏندي جڏهن ته ايشيا ڪپ جو سڀ کان وڏو ٽاڪرو يعني پاڪ ڀارت دنگل 21 جولاءِ تي شيڊيول آهي.
پاڪستان وومينز ٽيم گروپ جي ٽين ميچ 23 جولاءِ تي گڏيل عرب رياستن خلاف کيڏندي.
ايونٽ جا ٻئي سيمي فائنل 26 جولاءِ جڏهن ته فائنل 28 جولاءِ تي ٽورنامينٽ جي ٻن ٽاپ ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.