بشام حملو، وزيراعظم جي سفارتخاني وڃي چيني سفير سان تعزيت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيني سفارتخاني وڃي چيني سفير سان ملاقات ڪئي ۽ بشام ۾ دهشتگرد حملي ۾ 5 چيني شهرين جي مارجڻ تي تعزيت جو اظهار ڪيو.
پاڪستان ۾ مقرر چيني سفير جيانگ زائيڊونگ سان تعزيت ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مون سميت سڄي قوم جون همدرديون چيني شهرين جي پونئيرن لاءِ آهن، حڪومت واقعي جي اعليٰ سطحي جاچ ڪري ذميوارن ۽ سهولتڪارن کي سزا ڏيندي.
هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي دوستي کي نقصان پهچائڻ جون اهڙيون ڪوششون ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، دشمن پنهنجي ناپاڪ ادارن ۾ ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندو.
چيني سفير وزيراعظم جي سفارتخاني آمد ۽ واقعي جي جاچ ۾ ذاتي دلچسپي تي ٿورا مڃيا ۽ وزيراعظم جي پاڪ – چين دوستي جي حوالي سان عزم جي تعريف ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.