ماڻهن کي اٽو لٽو نه پر تعليم ڏيو: بشريٰ انصاري

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سينيئر اداڪارا بشريٰ انصاري صاحب سرنديءَ وارن کي مشورو ڏنو آهي ته هو مڇي کائڻ بدران مڇيءَ جو شڪار ڪرڻ سيکارين.
اداڪارا بشريٰ انصاري ويجهڙ ۾ هڪ پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جتي هن گفتگو ڪندي چيو ته جيڪڏهن اوهان وٽ گهڻو پئسو آهي ته اوهان ڪٿي انويسٽ ڪيو، زمين وغيرا وٺو ۽ پنهنجي ٻارن تي خرچ ڪيو.
هن چيو ته جيڪڏهن اوهان وٽ ان کان به وڌيڪ پئسو آهي ته ڪنهن کي جوتا لٽا وٺي ڏيڻ بدران ان جو تعليمي خرچ برداشت ڪيو.
اداڪارا چيو ته هوءَ پاڻ شاگردن کي اڊاپ ڪندي آهي ۽ جيترو ٿي سگهي سندن تعليم جو خرچ برداشت ڪندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.