ڪراچي: پوليس مقابلي دوران ڦورن جي فائرنگ ۾ عورت مارجي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ قطر اسپتال ڀرسان پوليس مقابلي دوران ڦورن جي فائرنگ ۾ عورت مارجي وئي.
پوليس موجب مقتولا جي سڃاڻپ نازيا انجم جي نالي سان ٿي، جيڪا پنهنجي مڙس سان گڏ قطر اسپتال جي پارڪنگ ۾ موجود هئي ته ڀر ۾ موجود دڪان ٻاهران ٻن نوجوانن کي موٽر سائيڪل سوارن ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي.
ان موقعي تي موٽر سائيڪل تي موجود پوليس اهلڪارن فوري طور ايڪشن ورتو ۽ ڦورو فائرنگ ڪندي فرار ٿي ويا، جنهن دوران عورت کي گولي لڳي وئي.
پوليس واقعي جي حوالي سان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جن کان ڦرلٽ ڪئي پئي وئي، انهن جو بيان به سامهون آيو آهي.
اکين ڏٺي شاهد نبيل موجب دڪان تي بيٺا هئاسين ته ٻه جوابدار آيا ۽ موبائل ڦر ڪئي ته پوليس اچي، جنهن تي ٻئي فرار ٿيڻ لڳا ته پوليس سندن پيڇو ڪيو، جوابدارن فائرنگ ڪئي ته پوليس به جوابي فائرنگ ڪئي، عورت مڙس سان گڏ بيٺي هئي، جوابدارن جي فائرنگ ۾ کيس گولي لڳي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.