” ستاره امتياز ڏيڻ وارن کي ستاره جرات سان نوازڻ گهرجي“

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني اداڪار نعمان اعجاز ستاره امتياز حاصل ڪندڙ شوبز ستارن کي طنزيه مبارڪباد ڏني آهي.
انسٽاگرام تي اداڪار پنهنجي تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ کيس لوئي پهريل آهي ۽ هو صوفي تي ويٺو آهي ۽ مسڪرائي رهيو آهي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Naumaan Ijaz (@m_naumaanijazofficial)


پوسٽ جي ڪيپشن ۾ هن لکيو ته جن دوستن کي ستاره امتياز مليو انهن سڀني کي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو ۽ ايوارڊ ڏيندڙ کي به ستاره جرات ملڻ گهرجي.
ياد رهي ته صدر آصف علي زرداري پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي صحت، تعليم، ادب، صحافت ۽ شوبز انڊسٽري سميت مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتن تي ملڪي ۽ غير ملڪي شخصيتن کي سول اعزازن سان نوازيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.