برساتن جو نئون سسٽم انٽري لاءِ تيار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ملڪ جي مختلف حصن ۾ تيز هوائن، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته اولهه هوائن جو سلسلو 27 مارچ تي ملڪ جي اولهه حصي ۾ داخل ٿيندو.
موسميات کاتي هڪ ڀيرو ٻيهر برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ برسات جي نئين سسٽم جي انٽري ٿيندي.
اولهه هوائن جو سلسلو 27 مارچ تي ملڪ جي اولهه حصي ۾ داخل ٿيندو ۽ 31 مارچ تائين ملڪ جي وچين ۽ مٿين علائقن ۾ برساتن جو سلسلو جاري رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪوئيٽا، زوب، زيارت، چمن ۽ پشين ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته سوات، چترال، مالا ڪنڊ، مري، گليات، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ به مينهن وسندو.
موسميات کاتي موجب ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، پشاور ۽ پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ موسم خشڪ ۽ جهڙالي رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.