بالي ووڊ ۾ ادڪارائن کي ڪيئن هيسايو ويندو آهي؟ روينا ٽنڊن سڀ پول پڌرا ڪري ڇڏيا

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) اداڪارا روينا ٽنڊن چيو آهي ته بالي ووڊ ۾ ماڻهو بواءِ فرينڊ ۽ گرل فرينڊ ذريعي اوهان کي نشانو بڻائيندا آهن.
بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا روينا ٽنڊن هڪ انٽرويو دوران چيو ته هن پنهنجي فلمي ڪيريئر دوران گندي سياست جو شڪار رهي پر ڪڏهن به ڪنهن جي ڪيريئر کي نقصان نه پهچايو جنهن تي فخر آهي.
هن چيو ته وک وک تي رنڊڪون کڙيون ڪيون ويون، جيڪڏهن ڪا غلطي ڪندي آهيان ته ان جي معافي وٺندي آهيان، انڊسٽري عدم تحفظ جي شڪار ماڻهن سان ڀري پئي آهي.
سندس چوڻ هو بالي ووڊ ۾ هر وقت مخالف ڪامياب ماڻهن جون ڄنگهون ڪڍڻ لاءِ تيار هوندا آهن ڇو جو انهن کان ڪنهن به ڪاميابي برداشت ناهي ٿيندي .
هن وڌيڪ چيو ته نوجوان اداڪارن سان گڏ ڪم ڪندي ڪا به پريشاني ناهي ٿيندي ڇو ته مان پاڻ به ڪڏهن انڊسٽري ۾ نئي هيس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.