جي ايف ايس بلڊرز اينڊ ڊويلپرز طرفان ايوارڊ ورهائڻ جي سالياني تقريب

ڪراچي (پ ر) جي ايف ايس بلڊرز اينڊ ڊويلپرز طرفان هر سال جيان هن سال به سالياني انعامن جي تقريب شهر جي مقامي هال ۾ ٿي، جنهن ۾ جي ايف ايس بلڊرز جي ملازمن جي سالياني ڪارڪردگي تي کين ايوارڊن ۽ روڪ انعامن سان نوازيو ويو.
اعزازي مهمانن ۾ پ پ جو سينيئر اڳواڻ وقار مهدي، صوبائي وزير نجمي عالم، صوبائي اسيمبلي ميمبر ساجد جوکيو سميت ايم ڪيو ايم پاڪستان جو ڊاڪٽر فاروق ستار، يو سي ڪيٽرنگ جو جنيد يوسف ۽ قادري سجاد شامل هئا.
ان موقعي تي دعوت اسلامي پاڪستان جي خطيب مولانا حبيب عطاري درس ۽ بيان پيش ڪيو، جڏهن ته ناليواري سماجي شخصيت مولانا بشير فاروقي چيئرمين سيلاني ٽرسٽ خاص دعا ڪرائي.
جي ايف ايس بلڊرز طرفان سي اي او عرفان واحد، مئنيجنگ ڊائريڪٽر منصور واحد ۽ محسن واحد پنهنجا خيال پيش ڪيا.
ايوارڊ ورهائڻ جي ڪيٽيگري ۾ سرپرائزنگ ايوارڊ جي ايف ايس جي سي اي او عرفان واحد کي ڏنو ويو، جنهن کي وصول ڪندي هن چيو ته اهو ايوارڊ منهنجو نه منهنجي ٽيم جو آهي، اسان هڪ فيملي آهيون، هي ايوارڊ سڄي جي ايف ايس جي نالي ڪيان ٿو.
جي ايف ايس جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر منصور واحد کي به ان موقعي تي ڪارڪردگي تي اسپيشل ايوارڊ سان نوازيو ويو، سندس چوڻ هو ته ايمانداري ۽ حوصلي سان هن اداري سان جڙيل ماڻهن جيئن ڪم ڪيو، ان ئي بنياد تي کين جي ايف ايس بلڊرز کي ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ ڄاتو ۽ سڃاتو ويندو آهي.
جي ايف ايس جي ڊائريڪٽر مارڪيٽنگ محسن واحد کي به بيسٽ برين آف دي ايئر جو ايوارڊ ڏنو ويو، خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته اسان جي ايف ايس کي بيسٽ برانڊ آف پاڪستان بڻائينداسين.
تقريب جي پڄاڻي تي مهمانن لاءِ کاڌي جو انتظام به ڪيو ويو، پروگرام ۾ ٻين مهمانن سان گڏ سياسي، سماجي، مذهبي، واپاري شخصيتن، بلڊرز، آباد ميمبرن ۽ واپارين جي فيڊريشن سان واسطو رکندڙ ماڻهن خاص شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.