ارجنٽينا جي اسٽار فٽبالر کي موتمار ڌمڪيون

ارجنٽينا جي اسٽار فٽبالر اينجل ڊي ماريا کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن.
مقامي ميڊيا رپورٽن موجب، ارجنٽينا جي نمائندگي ڪندڙ اسٽار فٽبالر ايجنل ڊي ماريا کي پنهنجي اباڻي گهر روزاريو ۾ موت مار ڌمڪي ڏني وئي آهي.
اينجل ڊي ماريا هن وقت پرتگالي چمپيئن نينفيڪا جي نمائندگي ڪري رهيو آهي جڏهن هو پنهنجي ننڍپڻ جي ڪلب روزاريو سينٽرل طرفان پنهنجي ڪيريئر جي آخري ميچ کيڏي فٽبال کي الوداع چوڻ چاهي ٿو.
سندس خاندان کي مليل ڌمڪي ۾ چيو ويو آهي ته پنهنجي پٽ اينجل کي چئو ته هو روزاريو واپس نه اچي جيڪڏهن هن اِها غلطي ڪئي ته کيس قتل ڪيو ويندو.
رپورٽن موجب، ڌمڪي ڌيندڙ وڌيڪ چيو ته صوبائي گورنر ميڪسميليانوپلارو به اوهان کي نه بچائي سگهندو، اسان ڪاغذي نوٽ ناهيون ڇڏيندا پر اسنائپرز ( نشاني باز ) کي پٺيان لڳائي ڇڏيندا آهيون.
واضح رهي ته اِها خبر ان وقت سامهون آئي آهي جڏهن ارجنٽينا جي فٽبال ٽيم جي ڪپتان ليونل ميسي جي اباڻي شهر ۾ منشيات اسمگلرن جي انگ ۾ وڏو اضافو ٿيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.