سنڌ حڪومت بابت ماڻهن جو تاثر سٺو ناهي، اِهو تاثر هاڪاري انداز ۾ تبديل ڪرڻو پوندو: سعيد غني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) صوبائي وزير سعيد غني جي صدارت هيٺ لوڪل گورنمينٽ جي آفيسرن جو تعارفي اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ سيد خالد حيدر شاهه، ڊي جي ايس بي سي اي عبدالرشيد سولنگي، ڊي جي سنڌ سالڊ ويسٽ امتياز شاهه سميت لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.
مڪاني کاتن، هائوسنگ ٽائون پلاننگ، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ رورل ڊيولپمينٽ واري وزير سعيد غني چيو ته اڄوڪو تعارف اجلاس لوڪل گورنمينٽ جي ماتحت سمورن کاتن جو آهي، سڀاڻي هڪ هڪ کاتي جي ڌار ڌار بريفنگ وٺنداسين.
هن چيو ته سڀ آفيسر وقت جي پابندي ڪندي حاضري يقيني بڻائن، جتي به عام ماڻهو جو ڪم پوي ٿو، اتي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
هن چيو ته بدقسمتي سان سنڌ حڪومت جو عام ماڻهن ۾ تاثر سٺو ناهي، اسان کي اهو تاثر هاڪاري انداز ۾ تبديل ڪرڻو پوندو، بائيوميٽرڪ سسٽم لڳائي سسٽم کي سينٽرلائيز ڪيو وڃي، سڀني ڪائونسلز جي ماهوار رپورٽ تيار ڪري ڪاپي مون کي به موڪلي وڃي.
هن هدايت ڪئي ته سڀني ڪائونسلز کي خط لکي ملڪيتن جا تفصيل ورتا وڃن جيئن انهن کي ڪمپيوٽرائزڊ ڪري سگهجي.
هن وڌيڪ چيو ته جتي خالي جايون آهن اتي ملازمن کي جوائننگ لاءِ موڪليو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.