گم ٿيل شهرين جون تصويرون پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي شايع ڪيون وڃن: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي جي مختلف علائقن مان گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت جاچ آفيسر کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي.
درخواستن جي ٻڌڻي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ڪئي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته گم ٿيل شهرين جي بازيابيءَ بابت ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي؟
جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته شهرين جي بازيابي لاءِ ملڪ جي مختلف حراستي مرڪزن ۽ ٻين ادارن کي خط موڪليا ويا آهن، جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جا ڪيترائي اجلاس به ٿي چڪا آهن پر اڃا تائين شهرين جو ڪو به پتو نه پيو آهي.
پوليس موجب علي بهادر آباد ۽ انار گل سرجاني ٽائون مان گم ٿي ويا آهن، ڪراچي جي مختلف علائقن مان ارسلان الدين ۽ ٻيا شهري لاپتا آھن، شهرين کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.
عدالت پاران شهرين جون تصويرون پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي شايع ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون.
عدالت شهرين جي سفري ھسٽري حاصل ڪري جمع ڪرائڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي جڏهن ته عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کان پيش رفت رپورٽ طلب ڪري ورتي.
تنهن بعد عدالت درخواستن جي ٻڌڻي 25 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.