ٽيڪس ڏيندڙ قومي هيروز آهن، ڊجيٽلائزيشن سان اوڳاڙين ۾ واڌ ۽ نظام ۾ شفافيت ايندي: ناڻي وارو وزير

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ڊجيٽلائزيشن سان اوڳاڙين ۾ واڌ ۽ نظام ۾ شفافيت ايندي.
اسلام آباد ۾ وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙ ماڻهن، ڪمپنين ۽ برآمد ڪنندڙن لاءِ ايڪسيلينس ايوارڊز جي تقريب ٿي، تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف به شرڪت ڪئي.
تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ٽيڪس ڏيندڙ اسان جا قومي هيروز آهن.
ناڻي واري وزير چيو ته ايف بي آر جي حوالي سان بحث ۾ وڃڻ بدران اسان نئين سر تنظيم جي سلسلي ۾ فوري طور تي عمل ڪيو. اسان ڪنسلٽنٽس به مقرر ڪيا آهن.
محمد اورنگزيب ٻڌايو ته ملڪ جي ترقي لاءِ سڌي ريت ٽيڪس ۽ برآمدي شعبا اڻٽر آهن، ڊجيٽلائزيشن سان اوڳاڙين ۾ واڌ ۽ نظام ۾ شفافيت ايندي، اسان کي پيداواري صلاحيت ۾ واڌ سان گڏوگڏ برآمد کي وڌائڻو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.