شانگلا: داسو ڊيم ويندڙ گاڏي تي آپگهاتي حملو، 5 چيني شهرين سميت 6 ڄڻا مارجي ويا

شانگلا ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي ضلعي شانگلا جي علائقي بشام آپگهاتي حملي آور بارود سان ڀريل گاڏي چيني انجينيئرن جي گاڏي سان ٽڪرائي ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ پنج چيني شهرين سيمت 6 ڄڻا مارجي ويا.
ڊي آءِ جي مالاڪنڊ موجب، گاڏي اسلام آباد کان ڪوهستان وڃي رهي هئي، چيني انجينيئر اسلام آباد کان داسو ڊيم وڃي رهيا هئا.
آپگهاتي حملي ۾ پنج چيني شهرين سميت 6 ڄڻا مارجي ويا، آپگهاتي حملي ۾ مارجي ويلن ۾ هڪ عورت پڻ شامل آهي.
پوليس موجب، دهشتگردن بارود سان ڀريل گاڏي چيني مسافرن جي گاڏي سان ٽڪرائي.
واقعي کانپوءِ علائقي کي سيڪيورٽي فورسز گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو آهي، سيڪيورٽي فورسز جو بشام ۾ سرچ آپريشن جاري آهي، شاهراهه قراقرم ۽ ڪوهستان کي اچ وڃ لاءِ بند ڪيو ويو آهي.
ٻئي پاسي صدر آصف علي زرداري بشام ۾ چيني شهرين تي حملي جي سخت مذمت ڪندي چيني شهرين جي موت تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
صدر مارجي ويل چيني شهرين جي وارثن ۽ چيني حڪومت سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان دشمن قوتون پاڪ چين دوستي کي نقصان پهچائڻ م ڪڏهن به ڪامياب نه ٿينديون.
هوڏانهن وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڌماڪي کان ترت پوءِ چيني سفارتخاني پچي ويو جتي هن چيني سفير سان ملاقات ڪئي.
محسن نقوي چيني سفير کي ڌماڪي جا سمورا تفصيل ۽ فوتگين بابت آگاهه ڪيو.
وفاقي گهرو وزير واقعي واري هنڌ جاري ريسڪيو آپريشن کان به چيني سفير کي آگاهه ڪيو.
ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور شانگالا آپگهاتي حملي جي مذمت ڪندي آءِ جي کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
وڏي وزير ڌماڪي جي زخمين ۽ فوري طبي امداد ڏيڻ فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.